رامڪلي راڳڻي

رامڪلي راڳڻي

رامڪلي راڳڻي

رامڪلي (راڳڻي): پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي چوڻ مطابق رامڪلي، برصغير جي بنيادي ۽ اصلوڪن راڳن مان هڪ راڳڻي ۽ هنڊول راڳ جي پنجن زالن مان هڪ زال ڪري ڄاڻائي وئي آهي.
سيد حاڪم علي شاهه بخاري ۽ محمد عثمان ميمڻ جي ڪتاب ’سنگيت سنسار‘ ۾ هن راڳڻيءَ جي گائيڪي ۽ موسيقيءَ جي ترتيب ۽ خاڪي بابت ڄاڻ ڏني وئي آهي ته رامڪلي ڀيرو ٺاٺ جي اوڍو سمپورن راڳڻي آهي. هن جي آروهيءَ ۾ مڌم ۽ نکاد ورج آهن ۽ امروهي سمپورن آهي. ڪجھه گائڪ ٻئي مڌم هڻندا آهن ۽ مڌم شڌ کي چٽو رکندا آهن. ڪي گائڪ هن راھ ۾ ٻئي نکادون به هڻندا آهن. ٻنهي صورتن ۾ ڀيرو راڳ جو رنگ چٽو رهي ٿو. هن راڳ جو وادي سر ڌيوت ۽ سموادي سر رکب آهن. رامڪلي راڳڻيءَ جو خاڪو هن طرح سان ڏنو ويو آهي:
آروهي: سا-را-گي-پا-ڌا-سا.
امروهي: سا- ني-ڌا-پا-ما-گي-را- سا.
خاص تان: سا- ڌاڌا- پا- ما- گي- ما- پا- ڌاڌا- پا- گي- ما- را- سا.
قدامت جي لحاظ کان هندستان جي راڳن ۾ هن راڳڻيءَ جو اصل نالو ’رامڪريه‘ آهي، موضوعاتي لحاظ کان هن راڳڻيءَ ۾ جوڳ (يوگ)، ويراڳ، سنياس ۽ ڀڳتي ڀاوَ جي موضوعن کي ڳاتو وڃي ٿو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق موجب 14 ۽ 15صديءَ کان صوفي درويشن جي سماع جي محفلن ۾ سنڌي ذاڪرن ۽ قوالن ڳايو ۽ يوڳ ۽ ڀڳتيءَ جي موضوعن وارن ڪلامن کي هندي رامڪريه، جوڳيا ۽ مقامي سنڌي نغمن ۾ ڳايائون. انهيءَ ميل سان سنڌي رامڪلي ۽ سنڌي جوڳ راڳ اُسريا، بعد ۾سنڌي رامڪلي راڳ هندستان ۾ مشهور ٿيو. هندستان ۾ هن راڳڻيءَ کي سنڌي رامڪريه جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو.
ڊاڪٽر بلوچ جي چوڻ موجب 16 صديءَ تائين ’سنڌي رامڪلي‘ هندستان ۾ مشهور ٿي چڪو هو. 17 صدي شاهه صاحب جي دور ۾ به هي راڳ رائج هو، جو ان کي شاهه جي راڳ ۾ سر رامڪليءَ واري موضوع هيٺ منتخب ڪيو ويو.
هن راڳڻيءَ تي تبصرو ڪندي ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو صاحب لکي ٿو ته: ”مضمون جي لحاظ کان رامڪليءَ کي اسين نئين رخ سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. ان مطابق لفظ رامڪلي ’رام‘ ۽ ’ڪل‘ جو سنگم آهي.“ ڊاڪٽر صاحب رامڪليءَ جي لفظي معنيٰ شري رامچندر جي ڪَلَ، يعنيٰ علم ۽ عقل ڄاڻائي آهي. ائين به ٿي سگھي ٿو ته شري رام جڏهن چوڏهن سال بنواس ۾ سنياسي جيون گذاريو ته انهيءَ عرصي دوران هن جھنگ ۾ يوگ، ڀڳتي ۽ سنياس ڪري هڪ کان ٻي جاءِ مسلسل سفر ڪيو هو، تنهنڪري رام ڀڳتيءَ جي لحاظ کان هن موضوع کي رامڪريه يا رامڪليءَ جي نالي سان ڳايو ويو هجي يا هن راڳڻيءَ ۾ رام مهما ۽ رام گاٿا ڳائي وئي هجي.
قياس آرائيءَ جي لحاظ کان ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪري سگھجن ٿيون، پر بنا ڪنهن ثبوت ۽ دليل جي هن ڳالهه بابت ڪابه پڪي ۽ پختي راءِ قائم نه ٿي ڪري سگھجي.
بهرحال رامڪلي هڪ سمپورن راڳڻي آهي ۽ صبح جي وقت ڳائي وڃي ٿي. پر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق موجب اصلوڪي سنڌي رامڪلي راڳڻيءَ جي صورت جو پتو پئجي نه سگھيو آهي ته اها ڪيئن ڳائي ويندي هئي. سندس چوڻ آهي ته شاهه جي راڳ ۾ سر رامڪلي وهاڻيءَ رات جو ڳائجي ٿي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي تحقيق مطابق رامڪلي صبح جي پهر ۾ ڳائي وڃي ٿي ۽ هي راڳڻي سنڌي پرڪاش راڳڻين مان هڪ آهي، جنهنڪري اهي راڳ اول صبح ۽ اول شام يعني رات ۽ ڏينهن جي ملڻ وقت ڳايا وڃن ٿا. سنڌي پرڪاش مان مراد سنڌ جي روشني آهي يا سنڌي راڳڻين جي صبح ۽ شام وارو ڳائڻ جو وقت آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو